ڪراچي/ٺٽو، (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومت جي سرپرستي ۾ وڪيلن تي حملو حالتن کي خراب ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي سازش آهي، ستاويهين آئيني ترميم خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ وڪيلن، سياستدانن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ خودمختياري خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 21کان 23 نومبر لاهور مينار پاڪستان تي رٿيل ” بدلايو نظام اجتماع عام“ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي ضلعي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا۔ ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته فارم 47 ذريعي قوم تي ٿاڦيل حڪومت ڏهن مهينن ۾ 9 کرب جا وياجي قرض وٺي به مهانگائي جي جن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي۔ 16 ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته 2025 دوران سرڪاري قرضن ۾ 9.3 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي۔ ايڏو وڏو قرض وٺڻ باوجود عوام کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي۔ زرعي ملڪ ۾ کنڊ جهڙو زهر به 229 رپيا ڪلو تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته اٽو، چانور، دالون، گهي، تيل عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا پيا وڃن. جماعت اسلامي جو لاهور ۾ ٿيندڙ اجتماع عام قوم لاءِ اُميد جي ڪرن ثابت ٿيندو، قوم هاڻي بدبودار نظام، ڪرپٽ سياستدانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آمراڻي پاليسين کان نجات لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي ته جئين اسلامي پاڪستان خوشحال پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿي سگهي










