وفاقي حڪومت ڪرپشن جي پئسن مان ٻيٽ پئي خريد ڪري، آفريدي

وفاقي حڪومت ڪرپشن جي پئسن مان ٻيٽ پئي خريد ڪري، آفريدي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته وفاقي حڪومت 5 هزار 300 ارب روپين جي ڪرپشن ڪري چڪي آهي، انهي مان ڪوبه پنهنجي گهر مان پئسا کڻي نه آيو آهي، اهي اوهان جي ٽيڪس جا پئسا آهن جنهن مان هي ٻاهرين ملڪن کان ٻيٽ خريد ڪري رهيا آهن، هاڻ اوهان کي پنهنجن حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻو آهي.يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاور ۾ جاب فيئر 2025 منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي مهمان خاص جي طور تي شرڪت ڪئي. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهڙي قدم سان 2 هزار شاگرد باضابطه ايمپلائيز سان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. نوجوانن جي لاءِ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ۽ انٽرنيٽ شپ پاليسي آڻي رهيا آهيون، پنهنجن نوجوانن کي اسان اڪيلو نه ڇڏينداسين.هن چيو ته انصاف اسٽوڊنٽ فيڊريشن پنهنجي انرجي بچائي رکي ڇو ته اڳيان اڃان به وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي، ايندڙ پروگرامن ۾ اردو زبان استعمال ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي، مون کي خوشي آهي ته منهنجون ڀينرون به انجنيئرنگ ۾ تمام وڌيڪ آهن. منهنجون ڀينرون اوهان کي گهبرائڻو نه آهي مان اوهان سان گڏ بيٺل آهيان.سهيل آفريدي چيو ته 4 ڊسمبر تي اين ايف سي ايوارڊ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ فاٽا جي حصي جو معاملو اٿارينداسين 7 سالن کان ضم ٿيل علائقا صوبي ۾ شامل ٿي چڪا آهن پر صوبي کي انهي جو حصو نه پيو ڏنو وڃي. 14.6 سيڪڙو شيئر بڻجي ٿو جيڪو 19 سيڪڙو ساليانو بڻجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ضم ٿيل علائقن جو شيئر ساڍا 300 ارب بڻجي ٿو، جيڪو انهن کي ڏيڻ گهرجي، جيڪو 400 ارب ساليانو بڻجي ٿو، اهي خيبرپختونخواهه کي نٿا ڏنا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۾ سومر جي ڏينهن هڪ سيمينار منعقد ڪريو جنهن ۾ انهي حق جو ٻڌايو.وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ناحق جيل ۾ رکيو ويو آهي. القادر يونيورسٽي جتي سيرت النبي پڙهائي ويندي آهي انهي جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا، سڀ خاموش آهن، ميڊيا به خاموش آهي. انهي معاملي تي ڪير به آواز نٿو اٿاري، پر مان پنهنجي آخري رت جي ڦڙي تائين اوهان سڀني جي حق لاءِ بيٺل آهيان. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل خان آفريدي 7 ڊسمبر تي پشاور ۾ ريلي ڪرڻ ۽ پشاور جي ترقي لاءِ 100 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن تي هڪ عظيم الشان اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير سهيل خان آفريدي جي صدارت هيٺ پشاور جي پارليامينٽرين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ پشاور جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي ست ڊسمبر تي پشاور ۾ ريلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي سهيل آفريدي چيو ته پشاور جي شان ۽ شوڪت جي بحالي ۽ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪيو ويندو، پشاور صوبي جو گاديءَ جو هنڌ ۽ اسان جو چهرو آهي.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پشاور جي ميگا پراجيڪٽس ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو