ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ لال بخش ڀٽو جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو،ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته لال بخش ڀٽو هڪ عظيم انسان ۽ پارٽي جو سچو ڪارڪن هو، سنڌ جو وڏو وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪريان ٿو، ھوڏانھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينئر پي پي پي اڳواڻ لال بخش ڀٽو جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي،ترجمان موجب جنازي نماز جامعه بنوريه جي مقام تي ادا ڪئي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ سعيد غني، قاسم سومرو، قادر پٽيل، امداد پتافي، آصف خان ۽ ٻيا به هئا، جنازي نماز ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن پڻ جنازي ۾ شرڪت ڪئي










