وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ فنڊ مينيجمينٽ هائوس جو اجلاس ٿي گذريو

وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ فنڊ مينيجمينٽ هائوس جو اجلاس ٿي گذريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ فنڊ مينيجمينٽ هائوس (ايس ايف ايم ايڇ) بورڊ جو پهريون تاريخي اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي ذريعي ان کي سرڪاري طور تي صوبي جي نامزد سرڪاري فنڊن جي انتظام جي مرڪزي پليٽ فارم طور قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هي هائوس ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته عوامي پئسي جو هر رپيو شفافيت ۽ پيشي ورانه انداز ۾ ۽ سنڌ جي عوام جي طويل مدتي مفاد لاءِ سيڙپ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميمبر صوبائي اسيمبلي شيراز شوڪت راجپر ۽ سعديه جاويد، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻين سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بورڊ سنڌ فنڊ مينيجمينٽ هائوس ايڪٽ 2021 جو جائزو ورتو، جيڪو قانوني طور تي ايس ايف ايم ايڇ کي نامزد سرڪاري فنڊن لاءِ بنيادي ادارتي پليٽ فارم طور اختيارات فراهم ڪري ٿو . بورڊ جي دائره اختيار ۾ هاڻي ايس ايف ايم ايڇ جي آپريشنز جي نگراني ۽ ان جي سالياني آپريشنل بجيٽ جي منظوري، قاعدن ۽ سيڙپڪاري پاليسين جو جائزو وٺي انهن کي حتمي منظوري لاءِ حڪومت سنڌ کي سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ شامل آهي ته تمام سرگرميون ايس ايف ايم ايڇ ايڪٽ جي مطابق ۽ منظور ٿيل خطري جي حدن جي اندر هجن .ھن وقت ايس ايف ايم ايڇ 16 نامزد فنڊن جو انتظام ڪري رهيو آهي جن ۾ سنڌ صوبائي پينشن فنڊ (قائم 2002)، سنڌ سوشل رليف فنڊ (قائم 2006) ۽ سنڌ جنرل پروويڊنٽ انويسٽمينٽ فنڊ (قائم 2007) شامل آهن .وڏي وزير هدايت ڪئي ته گورننس ۽ رسڪ ڪنٽرولز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي . هن چيو ته اسان پينشنرز جي بچت، سماجي امدادي فنڊن ۽ سرڪاري ملازمن جي جمع پونجي جا امين آهيون . مان انهن فنڊن سان قياص آرائي يا غير ذميواراڻي طرز عمل جي اجازت نه ڏيندس . هن بورڊ کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي، شفافيت ۽ طويل مدتي منافعي کي ترجيح ڏني وڃي . اجلاس جو هڪ اهم نتيجو مسودو ايس ايف ايم ايڇ انويسٽمينٽ پاليسي 2026 جي اصولي منظوري هئي جيڪا 2021 جي هدايتن جي جڳهه وٺندي ۽ “قابل اجازت” ۽ “ممنوع” سيڙپڪاري جي واضح وصفن سان وڌيڪ مضبوط حفاظتي اپاءُ متعارف ڪرائيندي . انويسٽمينٽ پاليسي 2026 جي تحت عوامي سرمائي جي تحفظ لاءِ مخصوص حدون مقرر ڪيون ويون آهن، جن ۾ ايڪوئٽيز: ڪل فنڊ جي حجم جي 15 سيڪڙو تائين محدود هونديون، جڏهن ته ڪنهن هڪ اسڪرپ ۾ سيڙپڪاري 3 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندي . ميوچل فنڊز: صرف انهن اسڪيمن تائين محدود هوندا جن جي گهٽ ۾ گهٽ ريٽنگ “اي ايم ٽو پلس پلس” هجي ۽ فنڊ جو حجم گهٽ ۾ گهٽ پنج ارب رپيا هجي . پابنديون: ڪرنسي ۾ قياص آرائي، شين جي واپار ۽ غير محفوظ ڊيريويٽوز جهڙن اعليٰ خطري وارن قدمن تي مڪمل پابندي هوندي . مراد علي شاهه چيو ته نئين پاليسي جو مقصد سرڪاري فنڊن جي انتظام کي پروفيشنل بڻائڻ آهي . هن چيو ته اسان جو مقصد قليل مدتي منافعو ناهي پر طويل مدتي مالي استحڪام آهي . اهي قاعدا عوامي سرمائي جي حفاظت ڪندا ۽ اسان کي مستحڪم ۽ پائيدار منافعو فراهم ڪندا . هن ناڻي کاتي ۽ ايس ايف ايم ايڇ کي هدايت ڪئي ته پاليسي تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي . سيڙپڪاري جي فيصلن جي وقت سر ۽ پروفيشنل نفاذ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بورڊ انويسٽمينٽ ڪميٽي جي تجويز ڪيل جوڙجڪ جي منظوري ڏني، جنهن جي سربراهي چيف سيڪريٽري ڪندو . هي ڪميٽي منظور ٿيل پاليسي ۽ رسڪ حدن جي اندر سيڙپڪاري جي تجويزن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي، منظور ٿيل بروڪرز ۽ اثاثه مينيجرن جي پينل جو انتظام ۽ وقت به وقت جائزو وٺندي ۽ پورٽ فوليو جي ڪارڪردگي کي منظور ٿيل معيارن جي مطابق مانيٽر ڪندي باقاعدگي سان بورڊ کي رپورٽ پيش ڪندي . بورڊ انويسٽمينٽ ڪميٽي کي ڪجهه اهم آپريشنل اختيارات به تفويض ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جن ۾ حڪومت پاران شروع ڪيل منصوبن لاءِ مقرر حدن اندر بينڪ گارنٽيز ۽ اسٽينڊ بائي ليٽرز آف ڪريڊٽ جاري ڪرڻ جو اختيار شامل آهي . وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڪميٽي باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪري ۽ تمام فيصلن کي دستاويزي شڪل ڏئي . هن چيو ته فيصلا ڊيٽا جي بنياد تي هئڻ گهرجن ۽ هر سيڙپڪاري جو فيصلو قابل سراغ ۽ قابل آڊٽ هئڻ گهرجي . هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فنڊ مينيجمينٽ جا پروفيشنل طريقا عالمي بهترين معيارن جي مطابق هئڻ گهرجن . بورڊ سنڌ سوشل رليف فنڊ جي منافعي ۾ واڌ جي امڪانن تي به غور ڪيو . هن وقت هي فنڊ روزاني منافعو ڏيندڙ اڪائونٽ ۾ 8.5 سيڪڙو شرح سان منافعو حاصل ڪري رهيو آهي . بورڊ هڪ تجويز جو جائزو ورتو جنهن تحت انهن رقمن کي قليل مدتي ٽريزري بلز ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو جتي هن وقت 10.40 سيڪڙو کان 10.50 سيڪڙو تائين منافعو ميسر آهي . وڏي وزير اصولي طور تي ان تجويز جي منظوري ڏيندي چيو ته سماجي امدادي فنڊن کي گهٽ منافعي وارن اڪائونٽس ۾ غير فعال نه رهڻ گهرجي. هتي حاصل ٿيندڙ هر اضافي رپيو سنڌ جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهي ٿو. پر اسان هي قدم مرحليوار ۽ پنهنجي رسڪ فريم ورڪ جي اندر رهندي ڪنداسين . هن ناڻي کاتي ۽ ايس ايف ايم ايڇ کي هدايت ڪئي ته ٽريزري بلز ۾ منتقلي لاءِ مرحليوار منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امدادي رقمن جي ادائيگي لاءِ گهربل ليڪويڊيٽي مڪمل طور محفوظ رهي . مراد علي شاهه چيو ته ايس ايف ايم ايڇ بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ منظور ڪيل اصلاحون صوبائي ماليات کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن . هن چيو پينشن، پروويڊنٽ ۽ سماجي فنڊن جي انتظام کي پروفيشنل بڻائڻ ذريعي اسان سنڌ لاءِ هڪ مضبوط مالي سهارو قائم ڪري رهيا آهيون. ان سان اسان کي مستقبل جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ عوام تي اضافي بار نه پوندو. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعليٰ بورڊ کي هدايت ڪئي ته اڳڀرائي بابت ٽماهي رپورٽون سندس آفيس کي پيش ڪيون وڃن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو