وڏي وزير  جو ٽڪراءُ ڏانهن قدم پختونخواهه جي حق ۾ ناهي

وڏي وزير جو ٽڪراءُ ڏانهن قدم پختونخواهه جي حق ۾ ناهي

پشاور (ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جو ٽڪراءُ ڏانهن وڃڻ خيبرپختونخوا جي عوام جي مفاد ۾ ناهي.ايمل ولي خان چيو ته وزير اعليٰ جي ڪرسي تي ويٺل شخص جي طرفان ذميواري جو احساس ضروري آهي، اها وزير اعليٰ جي ذميواري آهي ته هو عوام ۽ رياست جي وچ ۾ فاصلو گهٽائي ۽ بي اعتمادي ختم ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته اسان جي صوبي جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ سهيل آفريدي کي پنهنجي اڳواڻ لاءِ وڙهڻ گهرجي، پر اهو صرف عدالت ذريعي ئي ممڪن ٿيندو، وڏي وزير کي ٽڪراءُ جي بدران آئين ۽ قانون جي رستي تي هلڻ گهرجي ۽ صوبي لاءِ به ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو