وڏي وزير جو خيرپور،سکر،جيڪب آباد جو دورو،صورتحال جو جائزو

وڏي وزير جو خيرپور،سکر،جيڪب آباد جو دورو،صورتحال جو جائزو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه عاشورن جي ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي بابت انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ جيڪب آباد پهتو، وڏي وزير اهل تشيع اڳواڻن علامه مقصود علي ڊومڪي، احسان شاهه سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيضان مدينه وٽ قائم ٿيل سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو جائزو ورتو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان سکر، روهڙي، خيرپور ۽ جيڪب آباد ۾ عزادارن کي ملندڙ سهولتن ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتو آهيان جيڪب آباد ۾ 2015 ۾ ماتمي جلوس تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ ڪيترائي عزادار شهيد ٿيا هئا.ان واقعي کان پوءِ ڪوشش رهي آهي ته محرم الحرام ۾ فل پروف سيڪيورٽي جا انتظام هجن. هن وڌيڪ چيو ته هتان جي منتظمين سان ملاقات ڪئي آهي ۽ انهن حڪومت جي کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي هن وقت هتي ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ڊي سي سميت سمورا انتظامي آفيسر موجود هئا. سمورن آفيسرن کي امن امان جي صورتحال، ماتمي جلوس ۽ مجلسن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي وڏي وزير سان گهرو کاتي جو صوبائي وزير ضياءَ حسين لنجار، صوبائي وزير اويس شاهه، ايم پي اي ممتاز جکراڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو