وڏيرا قتل ڪرائڻ چاهن ٿا، عدالت تحفظ ڏي، پريمي جوڙو

وڏيرا قتل ڪرائڻ چاهن ٿا، عدالت تحفظ ڏي، پريمي جوڙو

ڪلوئي )غلام مصطفي نهڙيو (ڪراچي جي آگرا تاج ڪالوني جي ناري مهرالنسا ڪڇي ۽ ڪلوئي جي رهواسي ثناءُ الله هالو سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن کان پوءِ جوڙو دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. پريمي جوڙي پريس ڪلب ڪلوئي پهچي ٻڌايو ته اسان ٻه مهينا اڳ عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن کان پوءِ اسان جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته هاڻي اسان کي ڳوٺ جي وڏيرن قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. جوڙي وڌيڪ ٻڌايو ته هنن وڪيل ظهير نهڙيو جي معرفت سيشن ڪورٽ مير پور خاص ۾ بااثر جوابدار بلاول هالو بچل هالو محمد رمضان هالو عبدالقادر هالو جاويد هالو علي محمد هالو خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ جوڙي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن مان جاني خطرو آهي ان ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت 22 فيبروري تي جوابدارن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو