ترقي ۾ تيزي لاءِ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو

ترقي ۾ تيزي لاءِ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته آبادي جي گهڻي مقدار مسئلا ۽ غربت پيدا ڪري ٿي، تنهن ڪري ترقي جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ آبادي تي ضابطو ضروري آهي.وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاپوليشن ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آبادي ۾ واڌ مسئلا پيدا ڪري ٿي، اسان کي آبادي جي مطابق وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو، آبادي جي گهڻي مقدار مسئلا ۽ غربت پيدا ڪري ٿي.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معيشت مثبت رخ ۾ وڌي رهي آهي، آبادي ۽ معيشت هڪ ٻئي سان لاڳاپيل چئلينج آهن، پائيدار معاشي ترقي لاءِ متوازن آبادي ضروري آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي به موجوده دور جو هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت جو ڌيان ماحول دوست معيشت تي آهي.وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته ڪچي آبادي به مسئلا پيدا ڪري ٿي، حڪومت وٽ ڪچي آبادي جو ڪو به ڊيٽا ناهي، ترقي جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ آبادي تي ضابطو ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو