نئون ديرو( ن س)رتوديرو ۾ جلباڻي _ ويسر تڪرار جو خاتمو چيف سردار جلباڻي هائوس تي سردار آغا علي نواز خان جلباڻي، سردار ذوالفقار خان ڪماريو، سردار سرائي سجاد حسين سومرو، ڊاڪٽر محمد سليم ابڙو جن جي ڪوششن سان چيف سردار هائوس مسوديرو تي جلباڻي ڌر خدابخش عرف خدن، غلام رسول عرف بابن، فائق جلباڻي ۽ ويسر ڌر جي لياقت علي ويسر ۽ ٻين ۾ ڳالهين بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويا، ڳالهين ۾ سردار زاده مير صوبدار خان جلباڻي، ڊاڪٽر سردار زاده نجف خان ڪماريو ابڙو، سردار زاده ساجد خان سومرو، سيد شاهد حسين شاھ، عبدالستار خان عمراڻي، سيد حسين شاھ، مولانا طارق سومرو، مير بروهي ۽ ٻيا علائقي جا معزز هئا، ويسر برادري جهيڙي ۾ زخمي ٿيل فائق جلباڻي ۽ خدن جلباڻي کي تڏو ڏيڻ لاء ميڙ قافلو ساڻ ڪري ريشم گلي بازار پهتا جتي ميڙ کي مان ڏيندي جلباڻي برادري سڀ ڪجھ معاف ڪري ڇڏيو، ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، انهي موقعي تي چيف سردار آغا علي نواز خان جلباڻي، سردار ذوالفقار خان ڪماريو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلباڻي ۽ ويسر برادري جي ٻن ڌرين جي وچ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ فائق جلباڻي زخمي ٿيو هو ان بعد ڌرين جي وچ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو هو ان جهيڙي جي خاتمي لاء ڌرين سان رابطو ڪري انهن کي خير تي آمده ڪيو اڄ ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويا انشاءُ الله اڳتي ڀائرن وانگر هڪ شهر ۾ گڏ رهي زندگي گزاريندا.










