ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت کي ٽي 20 جو عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ ڪپتان روهت شرما انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اهو بهتر وقت نٿو ٿي سگهي.آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي گڏيل ميزباني ڪيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024 جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اها نه رڳو ويرات ڪوهلي پر منهنجي آخري ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ هئي.هن چيو ته مون پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڀارت لاءِ هن فارميٽ سان ڪئي ۽ ان کان پوءِ تمام گهڻو مزو آيو آهيان.منهنجي لاءِ هن فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو ان کان بهتر وقت نه ٿي سگهي ها، مان صرف ان لمحي جو انتظار ڪري رهيو هوس ته ٽرافي کٽي ۽ خدا حافظ جو جشن ملهائيان.ياد رهي ته روهت شرما ٽي 20 انٽرنيشنلز ۾ ٽاپ اسڪورر جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جو خاتمو ڪيو، هن 159 ميچن ۾ 4 هزار 231 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 سينچريون شامل آهن، جڏهن ته 2007 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ٽيم جو به حصو رهي چڪو آهي. روهت شرما کان جڏهن ڀارت جي هيڊ ڪوچ راهول دراوڙ بابت پڇيو ويو ته هو پنهنجي آخري اسائنمينٽ تي آهي ته اسان هن ٽرافي جا سڀ کان وڌيڪ حقدار آهيون ڇاڪاڻ ته هن گذريل 20 کان 25 سالن دوران ڀارتي ڪرڪيٽ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو ئي ناقابل فراموش آهي اها ٽرافي غائب هئي جيڪا اڄ پوري ٿي آهي، اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اسان اها ٽرافي راهول لاءِ ڪري سگهيا آهيون.










