سنيل نارائن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش

دبئي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ٽي 20 ڪپتان روين پاول ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ سنيل نارائن کي شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.ويسٽ انڊيز جي ٽي 20 ڪپتان سنيل نارائن رامان پاول جو چوڻ آهي ته هو گذريل هڪ سال کان ان حوالي سان سنيل نارائن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن چيو ته سنيل نارائن هن وقت ان بابت نه ڳالهائي رهيو آهي پر مون نارائن جي ويجهن دوستن ذريعي به پيغام پهچايو آهي.رامان پاول چيو ته مون پولارڊ، براوو ۽ نڪولس پورون کي چيو ته سنيل نارائن سان ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان ٿيڻ کان اڳ نارائن کي راضي ڪري وٺندا.واضح رهي ته سنيل نارائن آخري انٽرنيشنل ميچ 2019 ۾ کيڏي هئي، گذريل سال هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو