وفا ڀٽي جي ورسي، اديبن ۽ شاعرن پاران کيس ڀيٽا پيش

ميهڙ(غلام حسين پنھور) پي ٽي وي، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن جي مشهور اداڪار ڊائريڪٽر ۽ شاعر وفا ڀٽي جي 12 هين ورسي يادگار ڪاميٽي پاران پريس ڪلب ميهڙ ۾ ملهائي وئي. ورسي ۾ ڪيترن ئي سياسي، سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. تقريب کان پهريان اداڪار وفا ڀٽي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتحه خواني ڪئي وئي،  ورسي تقريب کي پريس ڪلب ميهڙ جي صدر نياز احمد ڀٽي، جنرل سيڪريٽري جميل احمد مهيسر، مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر سماجي اڳواڻ رياض احمد چانڊيو، صحافي سماجي اڳواڻ حبيب حضوري، ايڊووڪيٽ فيصل وفا ڀٽي، سماجي اڳواڻ عامر وفا ڀٽي، سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي کوکر، نوجوان صحافي  ايڊووڪيٽ عبدالحق کوکر، سماجي اڳواڻ راشد علي مهيسر، ايڊووڪيٽ لياقت بن محبوب ڏيپر، اصغر علي کوسو، علي آڪاش، مزاحيا شاعر محبوب علي ڏيپر، سماجي اڳواڻ ابرار علي چانڊيو، ڊاڪٽر بشير احمد ايري، احسان علي جويو، حزب الله ڏيرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ورسي کي ڪندي اڳواڻن چيو ته وفا ڀٽي 70 واري ڏهاڪي جو ور اسٽائيل اداڪار هو. سندس جا پي ٽي وي تي مشهور ڊراما ناٽڪ رنگ، چھچٽو، هوائين هاءِ جيدي، رس چس، دل جي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته وفا ڀٽي هڪ بهترين شخصيت ۽ هر وقت چھري تي مسڪراهٽ رکندڙ انسان هو. وفا ڀٽي بهترين شاعر پڻ ھو، سندس جو شاعري تي بهترين ڪتاب غمن جا لڙڪ پڻ شايع ٿيو هو. جنهن جومهاڳ بهترين اديب ۽ ناول نگار خليل جبران کي سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ اديب م ن محزون لکيو هو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو