وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان سالياني ترقياتي رٿائن جي سمري طلب

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان سالياني ترقياتي رٿائن جي سمري طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان سالياني ترقياتي رٿائن جي سمري طلب ڪري ورتي آهي.عدالت وفاق ۽ چئني صوبن ۾ ترقياتي فنڊن جي معاملي بابت ڪيس ۾ بلاڪ الاٽمينٽ يا امبرلا اسڪيمن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا.عدالت حڪم ڏنو ته تازو منظور ٿيل بجيٽ جي سالياني ترقياتي رٿائن جي سمري ناڻي واري سيڪريٽري يا چيف سيڪريٽري جي دستخط هيٺ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته عوامي پئسي جي حفاظت جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، حڪومتون پئسو ضرور خرچ ڪن پر شفافيت هجڻ گهرجي.شفافيت جو مطلب آهي ته ترقياتي اسڪيمن کي انفرادي شخصيتن جي بنياد تي نه هلائڻ گهرجي.هن چيو ته ضياءُ الحق ترقياتي فنڊن جي نالي تي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کي پئسا ڏيڻ جي روايت شروع ڪئي.جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته اڳ ئي ڪيترائي مسئلا آهن، عوامي فنڊن کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته منصوبا ٺاهڻ گهرجن پر سڀ ڪجهه آئين تحت ٿيڻ گهرجي.جڏهن حڪومتون تبديل ٿينديون آهن ته ترقياتي منصوبا انفرادي شخصيتن جي ماتحت نه هوندا آهن. اسان کي پرواهه ناهي ته ڪهڙا منصوبا ٺاهي رهيا آهيون، شفافيت هجڻ گهرجي.بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو