اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) حڪومت هائر ايجوڪيشن ڪميشن(اي اي سي) جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق بنوري کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان ايڇ اي سي ترميمي آرڊيننس 2021 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ چيئرمين ايڇ اي سي جي ملازمت وارو مدو 2 سال ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب طارق بنوري جي خلاف وڏي پيماني تي شڪايتون عام هيون هو گذريل 3 سالن کان ايڊهاڪ بنيادن تي ايڇ اي سي هلائي رهيو هو نه ته ميرٽ تي مستقل اي ڊي مقرر ڪيو ويو نه ئي ريجنل ڊائريڪٽرز مقرر ٿيا. ڳري پگهارن تي درجنين ڪنسلٽنٽ ڀرتي ڪيا ويا هئا جن مان ڪجهه نه صرف(ر) پر تعليمي لحاظ سان به گريجوئيٽ هئا.تازو ئي نيب ۾ به ڊاڪٽر طارق بنوري جي خلاف بدعنوانيون، بيقاعدگيون، بدانتظامي ۽ ڪنسلٽنٽس جي مقرري تي جاچ شروع ڪئي وئي هئي ان دوران آرڊيننس جاري ڪري چيئرمين ايڇ اي سي جي ملازمت وارو مدو گهٽ ڪري کيس فارغ ڪيوويو. طارق بٽوري کي(ن) ليگ جي دور ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مئي 2018 ۾ مقرر ڪيو هو ۽ ان جو 4 ساله مدو مئي 2022 تائين هئو.










