لاهور)ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا موجب وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا کي 2 هفتن جو وقت ڏنو آهي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود شين تي سبسڊي ختم ٿي چڪي آهي.انتظاميا موجب دڪانن جي بندش جي خبر کانپوءِ 11 هزار کان وڌيڪ ملازمن ۾ پريشاني آهي، 6 هزار مستقل آهن جڏهن ته ٻيا ملازم ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي آهن.يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪمپني سان ٽرانزيڪشن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي.










