اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.ذريعن موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب 10 جون تي بجيٽ پيش ڪندو.ناڻي واري وزارت بجيٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جون شرطون به شامل ڪيون پيون وڃن.










