وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي،لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن سڄي پنجاب ۾ سکن پچائڻ جي پروگرام جي منظوري ڏني.هن 2 سالن ۾ 10 ارب رپين جي لاڳت سان 1200 واٽر ڪورسز جي تعمير جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ سمورن واهن جي تعمير جو حڪم پڻ ڏنو.پنجاب جي وڏي وزير سولر ٽيوب ويل منصوبي جي پڻ منظوري ڏني ۽ هارين کي 60 سيڪڙو سبسڊي تي 56 قسمن جي زرعي مشينري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ 6 مهينن ۾ پنجاب جي هارين کي 1000 ليزر ليولرز ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو