وزيراعظم 178 ووٽ حاصل ڪري اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي ۾ وزيراعظم پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ڪاروائي مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر اسد قيصر نتيجي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم 178 ووٽ حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته 2018 ۾ 176 ووٽ کڻي وزيراعظم بڻيو هو. ياد رهي ته حڪومت کي 180 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي 2 ميمبر غير حاضر رهيا. جنهن بعد ايوان ۾ وزيراعءم عمران خان جي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان کان اڳ ڪاروائي شروع ٿي ته اسپيڪر پنج منٽ گهنٽيون وڄايون جنهن بعد دروازا بند ڪري ووٽنگ شروع ڪئي وئي. اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم پاران اڄوڪي اجاس جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊ ۾ اپوزيشن جي يوسف رصا گيلاني حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي شڪست بعد جڏهن اپوزيشن اهو چوڻ شروع ڪيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي ۽ استعيفيٰ ڏي، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هو اپوزيشن جي مطالبي جو سياسي انداز ۾ جواب ڏئي سگهي. قومي اسمبلي ۾ ڪل 342 سيٽون آهن جن مان هڪ سيٽ خالي آهي ۽ هڪ سيٽ جماعت اسلامي وٽ آهي جن اپوزيشن ۽ حڪومت مان ڪنهن کي ووٽ نه ڏنو باقي 340 مان 180 حڪومت ۽ ان جي اتحادين جو تعداد آهي ۽ اپوزيشن ۽ اتحادين جو انگ 160 آهي. حڪومتي اتحاد ۾ پي ٽي آءِ 156، ايم ڪيو ايم 7، بلوچستان عوامي پارٽي يعني باپ 5، مسلم ليگ (ق) 5، جي ڊي اي 3، آزاد 2، جمهوري وطن پارٽي ۽ عوامي مسلم ليگ جو هڪ هڪ ميمبر آهي. اپوزيشن ۾ مسلم ليگ (ن) 83، پيپلزپارٽي 55، متحده مجلس عمل 15، بي اين پي 4. آزاد 2، اي اين پي هڪ ميمبر شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو