نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪيو خطاب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي.وزيراعظم پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي بدترين مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسان کي مذمت کان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان جارحيت کي فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.شهباز شريف چيو ته فلسطين جي پاڪ سرزمين تي وڏو سانحو پيش اچي رهيو آهي، فلسطيني ٻارن کي جيئرو دفن ڪيو پيو وڃي، ساڙيو پيو وڃي ۽ دنيا ڏسي رهي آهي.وزيراعظم چيو ته غزه ۾ مصيبت جي خاتمي لاءِ فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل جي ضرورت آهي.فلسطين کي فوري طور تي گڏيل قومن جي مستقل ميمبر جو درجو ملڻ گهرجي.وزيراعظم چيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ القدس هجي.شهباز شريف چيو ته غزه جي ٻارن جو رت نه رڳو قابض فوج جي هٿ تي آهي پر ان تي خاموش رهندڙن جو به خون آهي.وزيراعظم چيو ته لبنان ۾ هاڻي اسرائيلي جارحيت شروع ٿي وئي آهي، لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت سبب خطي ۾ وڏي جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو ذڪر ڪندي چيو ته فلسطين وانگر والاريل ڪشمير جي عوام به ڊگهي عرصي کان آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي، ٻاهران ماڻهن کي آڻي والاريل ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيندو، خطي ۾ امن لاءِ ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ هڪ طرفي ڪارروايون ختم ڪرڻ گهرجن.وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلام فوبيا جا وڌندڙ واقعا به پريشان ڪندڙ آهن، ڀارت ۾ مسلمانن خلاف نفرت جي واقعن ۾ اضافو به پريشان ڪندڙ آهي.پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪمزور ۽ لاچار جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتو، جنهن تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود پاڪستاني وفد سميت ٻين ملڪن جي وفدن واڪ آئوٽ ڪيو.










