ڪراچي( رپورٽر )آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني هيٺ جاري 39 ڏينهن واري ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 20250 جي پنجويهن ڏينهن صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه ۽ فرانس جي فنڪار شي فومي آرٽس ڪائونسل جي عمارت تي ٺهيل ميورل آرٽ ڪراچي بلومز جو افتتاح ڪيو. ميورل آرٽ ڪراچي بلومز فرانس جي فنڪار جي ڏهن ڏينهن جي انتھڪ محنت جو نتيجو آهي. افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه چيو ته هن فيسٽيول جون سرگرميون پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. اسان اڄ فرانسيسي مصور جي هن شاندار ڪم کي سلام پيش ڪريون ٿا. شي فومي ڏينهن رات ڪم ڪري هي شاندار ميورل تيار ڪيو آهي. اسان کيس افسوس سان الوداع ڪريون ٿا پر جلد ٻيهر پاڪستان سڏينداسين. هي ميورل ڪراچي جي عوام ۽ سماجي رابطن جي استعمال ڪندڙن لاءِ پڻ کليل آهي. سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجن ٻارن سميت اچي ضرور ڏسن. هي تخليق عالمي اتحاد، محبت ۽ دوستي جي علامت آهي.فرانسيسي آرٽسٽ شي فومي چيو ته منهنجو پهريون ڀيرو پاڪستان اچڻ هو پر آخري نه هوندو. مان ٻيهر ضرور ايندس. هن چيو ته مان آرٽس ڪائونسل ۽ پوري ٽيم جو شڪرگذار آهيان، اميد آهي ته ڪراچي ۾ هاڻ ميورل آرٽ وڌيڪ وڌندو. جڏھن ته فيسٽيول جي پنجويهن ڏينهن آرٽ، موسيقي، ٿييٽر ورڪشاپس، ميورل آرٽ جو افتتاح، فلم اسڪريننگ ۽ ٿييٽر پلي ايڊرينالين پڻ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي فنڪارن پاران شاندار موسيقي جو مظاهرو ڪيو ويو. ڏينهن جي شروعات آفريڪي ملڪ برڪينا فاسو جي مصورن اجاراتو اوئدرا اوگو جي فن مصوري واري ورڪشاپ سان ٿي، جنهن ۾ مشهور مصور شاهد رسام سميت آرٽ اسڪولن جي شاگردن وڏي تعداد ۾ حصو ورتو. هن چيو ته مان رنگن سان کيڏي ٿيان ۽ پنهنجي ڪم ذريعي سچيون ڪهاڻيون بيان ڪريان ٿي. هن ٻڌايو ته مان آرٽ پنهنجي محنت سان سکيو آهي ۽ ڪڏهن به آرٽ اسڪول نه ويس . اھا تقريب فائن آرٽ ۽ اداڪاري جي حوالي سان هئي، جنهن ۾ آمريڪي ٿييٽر اداڪاريا بوني جِي ايونس شاگردن کي مختلف تخليقي طريقا سيکاريا. هن چيو ته ٿييٽر ۾ جسم جي حرڪتن سان گڏ تخليقي سوچ ضروري هوندي آهي. موسيقي ورڪشاپ ۾ آمريڪي شي لو ساڄ وڄائيندڙ ايريڪا لورين وائيز موسيقي جي شاگردن کي تاريخي سازن ۽ انهن جي اندازن بابت ڄاڻ ڏني. هن مختلف ساز وڄائي شرڪت ڪندڙن کي متاثر ڪيو. فوڪس ايران جي نالي سان فلم اسڪريننگ ۾ ايران جون ٻه فلمون ڏيکاريون ويون. عوام جي وڏي درخواست تي ڪينيڊا جي ٿييٽر پلي ايڊرينالين ٻيهر پيش ڪيو ويو. ڏينهن جو اختتام ڏکڻ ڪوريا جي موسيقي گروپ نمو جي شاندار پرفارمنس سان ٿيو، جنهن ۾ ڪوريا جي مشهور موسيقارن پاپ، جاز، گوسپل ۽ راڪ موسيقي کي انوکي ڌن ۾ پيش ڪيو. شائقين ڪوريائي فنڪارن جي پرفارمنس کي خوب ساراهيو ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏنو.










