اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ورلڊ بئنڪ پاڪستان سان 10 سالن جو پارٽنرشپ فريم ورڪ جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان موجب، عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي بحث ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد جامع ۽ پائيدار ترقي جي حمايت ڪرڻ آهي.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته هن ڇهن نقطن واري فريم ورڪ تحت، انساني ترقي ۽ پائيدار نجي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏنو ويندو.عالمي بينڪ جي مطابق، ملڪ ۾ معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي لچڪ کي مضبوط ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان لاءِ اسان جو نئون 10 سالن جو پارٽنرشپ فريم ورڪ حڪومت سان هڪ ڊگهي مدت جو بنياد فراهم ڪري ٿو، جنهن تحت اسان ملڪ کي درپيش ڪجهه اهم ترقياتي چئلينجن کي حل ڪنداسين.هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرات ۾ ٻارن جي ترقي ۾ رڪاوٽون پڻ شامل آهن.عالمي بينڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو توانائي جي شعبي جي استحڪام جي حل لاءِ مدد فراهم ڪندو.










