واٽر ڪارپوريشن جو ڊجيٽل ۽ ڪمرشل نظام ۾ سڌارن جو آغاز

واٽر ڪارپوريشن جو ڊجيٽل ۽ ڪمرشل نظام ۾ سڌارن جو آغاز

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پنهنجي ڊجيٽل ۽ ڪمرشل نظام ۾ سڌارن جو آغاز ڪندي انڪشاف ڪيو آهي تہ بلنگ ۾ هيرا ڦيري سبب اداري جي آمدني ۾ لڳ ڀڳ 24 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي. اداري مارچ 2026 کان خصوصي ريڪوري وينڊرز جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن تہ جيئن اندروني جاچ دوران سامهون آيل منظم بدعنواني جو خاتمو آڻي سگهجي. انهن قدمن خلاف ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ (سي بي اي) طرفان مزاحمت پڻ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ 31 مارچ 2026 تي ڪارساز آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب عارضي طور دفتري معاملا متاثر ٿيا. واٽر ڪارپوريشن موجب فيبروري 2026 دوران اداري جون مجموعي وصوليون هڪ ارب 99 ڪروڙ 20 لک رپيا رهيون، جيڪي آڪٽوبر 2025 ۾ 2 ارب 60 ڪروڙ 90 لک رپين جي بلند ترين سطح کان نمايان گهٽ آهن. ھن گهٽتائي جا بنيادي سبب صنعتي بقايائن جي قسطن جو خاتمو، اندروني عملي طرفان ڄاڻي واڻي بلنگ ۾ گهٽتائي ۽ ڊجيٽل ادائيگي نظام ڏانهن منتقلي دوران پيش آيل مشڪلاتون شامل آهن. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد لڳ ڀڳ 200 صنعتي صارفين 5 ارب رپين جا بقايا قسطن ۾ ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو، جنهن تحت جولاءِ 2025 کان وصوليون شروع ٿيون ۽ آڪٽوبر ۾ اهي 85 ڪروڙ 30 لک رپين تائين پهتيون۔ بعد ۾ بقايائن ۾ گهٽتائي اچڻ سبب اها رقم معمول مطابق لڳ ڀڳ 65 ڪروڙ رپيا ماهوار رهجي وئي. ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي چيو تہ جولاءِ 2025 کان هينئر تائين لڳ ڀڳ 3 ارب رپين جا متنازع بقايا وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ اڃان بہ لڳ ڀڳ 50 صنعتي صارفين ڏانهن 2 ارب روپين جون رھتون آهن، جن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڪنيڪشن ڪٽڻ جي مهم جاري آهي. اداري جي چيف ڪمرشل آفيسر حارث سرفراز انڪشاف ڪيو تہ صنعتي ۽ بلڪ سيڪٽر، جيڪي اداري جي 70 سيڪڙو آمدني جو ذريعو آهن، انهن ۾ ڪجهه اهلڪار مالي فائدي عيوض ڄاڻي واڻي بلن ۾ گهٽتائي ڪندا رهيا، جنهن سبب اداري کي مالي نقصان پهتو. واضح رهي تہ واٽر ڪارپوريشن ۾ ڊگهي عرصي کان منظم ريڪوري نظام موجود نہ هو ۽ فيلڊ آپريشنز گهڻو ڪري بلن جي ترسيل تائين محدود هئا، جنهن سبب موثر وصولين ۾ مشڪلاتون پيش اينديون رهيون. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اداري فوري قدم کڻي نظام کي بهتر بڻائڻ شروع ڪيو آهي. اختيارين موجب مارچ 2026 کان يوٽيلٽي سيڪٽر جو تجربو رکندڙ خصوصي ريڪوري وينڊرز مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي ادائيگيون نہ ڪندڙن کان منظم نموني وصوليون، ٽارگيٽڊ رابطن ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنيڪشن ڪٽڻ جي عمل ۾ مدد فراهم ڪندا۔ هن قدم جو مقصد نہ رڳو وصولين کي موثر بڻائڻ آهي پر موجوده عملي جي ڪارڪردگي ۾ بہ بهتري آڻڻ آهي. اداري واضح ڪيو آهي تہ ون لنڪ ڊجيٽل نظام ۾ جيڪڏهن ڪنهن صارف کي نادھندہ ظاهر ڪيو ويو تہ ان خلاف فوري طور ڪنيڪشن ڪٽڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. اختيارين جو چوڻ آهي تہ وصولين جو نظام مضبوط بڻائڻ نہ صرف ڪراچي جي لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 20 لک شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي پر ان سان اداري جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي بروقت ادائيگي بہ يقيني بڻائي سگهجي ٿي. سي اي او احمد علي صديقي وڌيڪ چيو تہ ماضي ۾ ڪيل دعوائن سبب عوام جو اعتماد متاثر ٿيو، پر هاڻي ادارو عملي قدمن ۽ شفافيت ذريعي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ادارو دعوائن بدران ڪارڪردگي ۽ انگن اکرن ذريعي پنهنجي بهتري ثابت ڪندو ۽ سڌارن جو هي عمل هر حال ۾ جاري رکيو ويندو۔ اختيارين موجب ون لنڪ نظام ڏانهن منتقلي سبب فيبروري 2026 جي صنعتي، بلڪ ۽ ريٽيل شعبن جا تفصيل مڪمل نہ ٿي سگهيا آهن، جڏهن تہ اھيو عمل 30 اپريل تائين مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ انگ اکر جاري ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو