واهه تي پل نه هئڻ ڪري جنازو دفنائڻ لاءِ ڳوٺاڻا پريشان

ٽنڊوباگو ( رپورٽ سھيل سمون )ڳوٺ صديق سھتو ۾  ھڪ عورت جي وفات سبب ڳوٺ جي ڀرسان وھندڙ شادي سمال واھ جي مٿان پل نه ھجڻ ڪري مجبورن ڳوٺاڻن جنازو شادي سمال واھ جي وچان پاڻي مان کٽ ذريعي ڪڍي واھ جي ھن طرف اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو .  فدا سھتو، زمان سھتو موجب ڪيتري عرصي کان اسان جي ڳوٺ کي واھ واري پل نه ملڻ ڪري سخت پريشان آھيون. جڏھن به فوتگي ٿئي ٿي ته اسان جنازي کي ڪلھن تي يا کٽن زريعي واھ جي پاڻي مان ڪراس ڪرائي قبرستان ۾ دفن ڪندا آھيون. چونڊيل نمائندا رڳو ووٽ وٺي غائب ٿيو وڃن ٿا، اسان کي فورن شادي سمال واھ تان لنگھڻ لاءِ پل ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو