سري نگر (ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾، ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جاري رکندي وڌيڪ 3 ڪشميرين جا گهر تباهه ڪري ڇڏيا.ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فوج پلواما، ڪلگام ۽ شوپيان ۾ ڪشميرين جي گهرن کي بارودي مواد سان تباهه ڪيو.ڀارتي فوج گذريل ڏينهن ٻن ڪشميرين جا گهر بارود سان تباهه ڪري ڇڏيا.










