اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جيل ۾ آهن انهن سان ملاقاتن جي اجازت ملي ته معاملا بهتري طرف ويندا.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته رياستي ادارا ۽ سياسي ماڻهو هڪ ٻئي کي ذهني مريض چون يا خطرو سمجهن ته اهو افسوسناڪ عمل آهي. هن ملڪ جي دفاع کي اهم قرار ڏيندي واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪڏهن به ملڪ دشمن نه هو نه ئي هوندو.بيرسٽر گوهر چيو ته پاڪستان به اسان جو آهي، فوج به اسان جي آهي، هي وقت آهي ته سڀ هڪ ٻئي کي تسليم ڪن ۽ جڳهه ڏين، ڀروسي جي کوٽ کي ختم ڪريو، ملڪ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ انتشار کي برداشت نٿو ڪري سگهي. هن سمورين جمهوريت پسند طاقتن کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.










