ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي معروف ۽ سينيئر اداڪاره توڙي سياستدان هيما مالني 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ فلمي دنيا تي راڄ ڪيو. هوءَ ان دور ۾ ڀارتي سنيما جي وڏن اسٽارز ۾ شامل هئي.هيما مالني کي سندس خوبصورتي ۽ يادگار فلمن جن ۾ شعلعي، سيتا اور گيتا، باغبان ۽ ستّي پي ستّا شامل آهن، جي بدولت بالي ووڊ جي ”ڊريم گرل“ چيو ويندو هو. تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ 78 سالن جي هيما مالني ڀارتي سنيما جي سنهري دور کي ياد ڪندي ٻڌايو ته هوءَ هاڻي فلمن ۾ ڪم ان ڪري ناهي ڪندي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جنهن انداز ۾ فلمون ٺهن ٿيون، تن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ (ايڊجسٽ ڪرڻ) تمام ڏکيو آهي. سندس چوڻ هو ته: ”اهو بالڪل هڪ مختلف دور هو، بلڪ مان ائين چوندس ته اهو فلم انڊسٽريءَ جو سنهري زمانو هو. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿي ته مون کي ان دور جو حصو بڻجڻ جو موقعو مليو. ان وقت ڪيتريون ئي خوبصورت فلمون ٺهيون، منهنجي پهرين فلم سپنوں کا سوداگر، خوشبو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون به منهنجي لاءِ تمام خاص رهيون.“ هيما مالني چيو ته: ”اڄ جڏهن مان ماضيءَ تي نظر وجهان ٿي ته احساس ٿئي ٿو ته مان لڳ ڀڳ 200 فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهيان. گهڻا پروڊيوسرز پنهنجي ايندڙ فلمن ۾ به مون کي ئي ڪاسٽ ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هر فلم ۾ پنج يا ڇهه گانا هوندا هئا ۽ پروڊيوسرز لاءِ هٽ گانن جو هجڻ بيحد اهم سمجهيو ويندو هو.“ هن چيو ته: ”اڄڪلهه فلم سازي پهرين جي مقابلي ۾ بالڪل مختلف آهي ۽ مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي. ڪيترائي ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته مان هاڻي ڪم ڇو ناهيان ڪندي، ته اصل ۾ اڄ جنهن انداز سان فلمون ٺاهيون وڃن ٿيون، ان سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو آهي.“ ياد رهي ته تامل ناڊو سان تعلق رکندڙ هيما مالني پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1968ع ۾ فلم ”سپنوں کا سوداگر“ سان ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ هوءَ اهڙي ته ڪامياب رهي جو ڪڏهن به پوئتي مڙي نه ڏٺائين.










