هيري ۽ ميگهن جي زندگي تي نئين فلم تيار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي هيري ۽ سندس زال جي محل ڇڏڻ بابت فلم جو ٽريلر جاري ٿي ويو آهي. آميڪي انٽٽينمينٽ اداري ’لائف ٽائيم‘ اها فلم تيار ڪئي آهي جيڪا سيپٽمبر ۾ آمريڪا ۾ رليز ڪئي ويندي. برطانيا ۾ ان جي رليز جي ڪا تاريخ ناهي ڏني وئي. هي سندن زندگي تي ٽئين فلم آهي. اڳ ۾ 2018 ۾ ساڳئي اداري ’هيري اينڊ ميگهن، رائل رومانس‘ جي نالي سان فلم ٺاهي هئي. جنهن بعد ’هيري اينڊ ميگهن بڪمنگ رائل‘ رليز ڪئي هئي. برطانيا جي هن شاهي جوڙي سڀ لقب واپس ڪري شاهي خاندان کان علحدگي اختيار ڪندي آمريڪا ۾ آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو