ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته 2026 ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ هن سال ميونسپلٽي ڪراچي جي انفراسٽرڪچر تي 70 کان 75 ارب رپيا خرچ ڪندي.ڪراچي ۾ عظيم پورہ فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شاهراهه ڀٽو کان ايئرپورٽ ۽ قيوم آباد ويندڙن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، فلائي اوور 100 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ شمع ڏانهن ويندڙ روڊ جي به مرمت ڪئي ويندي.ڪراچي جي ميئر چيو ته ڏيڍ ارب رپين جي لاڳت سان فلائي اوور تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ملير ۾ 15 روڊ ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ 26 روڊن جي مرمت ڪئي ويندي، 3 روڊن تي ڪم جاري آهي، ان کان علاوه جناح ايونيو کان بيگم خورشيد روڊ لاءِ به ٽينڊرنگ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته 2026 ترقياتي ڪمن جو سال آهي، هن سال ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي ڪراچي جي انفراسٽرڪچر تي 70 کان 75 ارب رپيا خرچ ڪندي، ڪي ڊي اي الڳ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ٽرانسپورٽ وزارت الڳ ڪم ڪري رهي آهي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ريڊ لائين 200 ارب رپين جو منصوبو آهي، پر هي منصوبو دير جو شڪار آهي.










