ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چئيرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفت سبب فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ڪري هارين وٽ موجود بينظيرهاري ڪارڊ جي ذريعي امداد ملندي هن وڌيڪ چيو ته بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام، مزدور ڪارڊ کانپوءِ بينظيرهاري ڪارڊ پاڪستان پيپلز پارٽي جو انقلابي قدم آهي بينظير هاري ڪارڊ جي ذريعي هارين کي شفاف طريقي سان امداد ملندي هن وڌيڪ چيو ته زرعي ڀاڻ جي فيڪٽري مالڪن کي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ هارين کي براه راست سبسڊي جي رقم ملڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته هارين جي محنت ۽ انهن جي پوکيل فصلن سان پورو پاڪستان هلي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته غربت جا مقابلو ڪرڻ لاءِ بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام بين الاقوامي طور تي هڪ مثال آهي هو اڄ وزيراعلى هائوس ڪراچي ۾ بينظيرهاري ڪارڊ تقسيم ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهي هن جو خطاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شهيد بينظيرآباد جي درٻارهال ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر، پ پ پ ضلع صدر سالم زرداري، چئيرمين ضلع ڪائونسل علي اڪبر جمالي ڊويزن جي هارين ۾ بينظيرهاري ڪارڊ تقسيم ڪيا ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي غلام قادر چانڊيو، چوڌري جاويد اقبال، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلع اطلاعات سيڪريٽري راشد چانڊيو، ڊپٽي مئير چوڌري مبشر آرائين، چئيرمين ضلع زڪوات ۽ عشر ڪميٽي ميرمحمد سيال، چئيرمين سيد عاطف زيدي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري، چيمبر آف ڪامرس جو صدر ڊاڪٽر ايوب ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت محمد رمضان چنو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.










