هري پور: افغان ڪيمپن جي بجلي بند ڪرڻ جي هدايت

هري پور: افغان ڪيمپن جي بجلي بند ڪرڻ جي هدايت

هري پور (ويب ڊيسڪ)ضلعي انتظاميا هري پور ۾ افغان پناهگيرن کي ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.ضلعي انتظاميا افغان پناهگير ڪئمپن کي بجلي جي فراهمي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ افغان پناهگير ڪئمپن مان واپڊا جي تنصيب کي هٽائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، افغان پناهگير ڪئمپن مان ٽرانسفارمر ۽ بجلي جا ميٽر هٽايا پيا وڃن.انتظاميا جو چوڻ آهي ته هري پور ۾ لڳ ڀڳ 20 افغان پناهگير ڪئمپ آهن، غير قانوني افغان پناهگيرن کي رهائش فراهم ڪندڙ ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو