هاڻي انهن سان ڪم نه ڪندس، عليزي جو ياسر جي بيان تي رد عمل

هاڻي انهن سان ڪم نه ڪندس، عليزي جو ياسر جي بيان تي رد عمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شوبز انڊسٽري جي اداڪارا عليزي شاهه ۽ اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز جي وچ ۾ جاري تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي
ٻئي فنڪار اڳ ۾ ڊرامي “ميرا دل ميرا دشمن” ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا هئا، پر ان دوران پيدا ٿيندڙ اختلاف بعد ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين هلندڙ تڪرار ۾ تبديل ٿي ويا.معاملو تڏهن وڌيو جڏهن ياسر نواز هڪ پروگرام ۾ عليزي شاهه بابت تنقيدي تبصرا ڪيا، جنهن کان پوءِ عليزي شاهه مٿس نامناسب رويي جو الزام لڳايو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هن منهنجي خلاف ڳالهائڻ جاري رکيو ته مان کيس بي نقاب ڪندس.
بعد ۾، ياسر نواز تازو ئي نرم رويو اختيار ڪيو، عليزي شاهه جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو کيس ٻيهر مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪرڻ چاهيندو.
جڏهن ته، عليزا شاهه هن بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي چيو ته هاڻي سندس بوٽ هن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو