هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ ڊيوٽي روسٽر جاري

هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي لاءِ ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار ججز ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو.ايندڙ هفتي 2 کان 6 سيپٽمبر تائين رڳو 3 جج موجود هوندا، ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 3 سنگل ۽ 1 ڊويزن بئنچ جوڙي وئي آهي.جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ موجود هوندا جڏهن ته جسٽس ثمن رفعت امتياز 2 سيپٽمبر تي موجود هوندي،چيف جسٽس سميت 5 جج ايندڙ هفتي موڪلن سبب موجود نه هوندا، ضرورت کي نظر ۾ رکندي اسپيشل ڊويزن بئنچ ۽ لارجر بينچ به موجود هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جون موڪلون 10 جولاءِ کان 10 سيپٽمبر تائين هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو