لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب جو نگران وڏو وزير 8 مارچ جهڙو ٽڪراءُ چاهي ٿو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته هو چاهين ٿا ته اسان کي ويڙهايو وڃي ۽ وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪيون وڃن ته جيئن تحريڪ انصاف جا ڪارڪن نگران حڪومت جي چڪر ۾ نه اچن.عمران خان چيو ته پابندي جو مقصد رڳو پي ٽي آءِ کي چونڊ مهم کان روڪڻ آهي، سڄي لاهور ۾ زندگي معمول تي آهي، رڳو زمان پارڪ کي گهيرو ڪيو ويو آهي.عمران خان چيو ته هي ماڻهو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خلاف جهيڙي کي ڀڙڪائڻ چاهين ٿا ته وڌيڪ ڪوڙا ڪاغذ داخل ڪرائي اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي.هن چيو ته اليڪشن شيڊول جي اعلان کانپوءِ سياسي سرگرمين خلاف قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته ان اسڪينڊل ۾ هرگز نه گريو وڃي، اسان پنهنجي ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.










