نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي: سولنگي

نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي: سولنگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي. اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن. پنهنجي اختيار کان وڌيڪ نه ڪرڻ چاهيندا،اسان کي پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪرڻو پوندو ته اسان وٽ ڪو به پسند نه آهي. اهو اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته هو سڀني پارٽين کي برابر جا موقعا ڏئي ۽ ان کي يقيني بڻائي. جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي محسوس ڪري ٿي ته ان سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي ته ان کي اليڪشن ڪميشن يا عدالت سان رجوع ڪرڻ گهرجي. سومر تي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس کي اختيار هو ته انهن کي گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪيس ۾ گرفتار سياستدان سياسي قيدي ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي پرامن احتجاج ۽ اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي. پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي آئين ۾ گنجائش ناهي. چونڊن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا هٿ پير آهيون، آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين. . هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومتي پاليسين جي وضاحت ضروري آهي، ڪراچي معاشي حب آهي، وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپاري برادري سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو