نيپالي وزيراعظم پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

نيپالي وزيراعظم پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

کٽمندو (ويب ڊيسڪ)نيپال جو وزيراعظم پشپا ڪمار دهل پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن نيپال جي پارليامينٽ ۾ وزيراعظم پشپا ڪمار دهل تي بي اعتمادي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.پشپا ڪمار دهل کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 138 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت هئي، پر نيپالي وزيراعظم 275 ميمبرن واري ايوان ۾ رڳو 63 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نيپال جي وزيراعظم کي مخالفت ۾ 194 ووٽ مليا.ميڊيا رپورٽن موجب نيپالي وزيراعظم پاران پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ سياسي اڳواڻ ڪي پي شرما اولي جي سربراهي ۾ نئين اتحادي حڪومت ٺاهي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو