نيو سبزي منڊي، سيوريج نالي ۾ ڌماڪو، جاني نقصان نه ٿيو

نيو سبزي منڊي، سيوريج نالي ۾ ڌماڪو، جاني نقصان نه ٿيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپر هاءِ وي نيو سبزي منڊي ويجهو سيوريج نالي ۾ ڌماڪو، سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا،پوليس اختيارين موجب ڌماڪي بعد شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڪو جاني نقصان نه ٿيو،پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو سبزي منڊي ۾ قائم هڪ خانگي بئنڪ جي هيٺان گذرندڙ نالي ۾ ٿيو،سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ڌماڪي دوران بينڪ ٻاهران بيٺل سيڪيورٽي محفوظ رهي ٿو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، علائقي واسي وڏي انگ ۾ پهچي ويا

پهنجو تبصرو موڪليو