شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر

لاهور(ويب ڊيسڪ) آخري اوور ۾ محمد عامر ٻن بيٽسمين کي رن آئوٽ ڪري 9 رنز تان ميچ کٽائي ورتي ۽ پاڪستان ٻن ٻن تان سيريز به برابر ڪري ڇڏي. نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 19،2 اوورز ۾ آئوٽ ٿي وئي. محمد عامر 3.2 اوورز ۾ 41 رنز ڏئي سڀني کان مهانگو بالر ثابت ٿيو. نيوزيلينڊ 179 رنز جي تارگيٽ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي ته شاهين آفريدي کي پهرين اوور م ئي وڪيٽ ملي ۽ هڪ چوڪو هڻندڙ ٽوم بلنڊيل بولڊ ٿيو. جنهن بعد شاهين ۽ عامر کي زبردست شات لڳا ۽ 81 جي اسڪور تي ٽم سائفرٽ ٻن ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 52 رنز اسڪور ڪري اسامه جي بال تي بولڊ ٿيو. ان کان اڳ محمد عامر جي هن ٺيڪ ٺاڪ ڌلائي ڪئي. جنهن تي عامر کيس گار به ڏني. 97 جي اسڪور تي گذريل ميچ کٽائيندڙ مارڪ چيپمين 12 بالن تي 12 رنز ٺاهي اسامهو جي بال تي بولڊ ٿيو. ٻارهين اوور ۾ ڪپتان بريسويل شاداب جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو،هن هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 23 رنز ٺاهيون. 103 تي پنجين وڪيٽ ان وقت ڪري جڏهن عماد وسيم ڪول ميڪونچي کي ايل بي ڊبليو ڪيو. اڌ ميچ دوران فاسٽ بالرن بدران اسپنرز کي وڌيڪ ڪاميابي ملي، هنن وڪيٽون به ورتيون ۽ اسڪور به سلو ڪري ڇڏيو. جنهن بعد شاهين جي بال تي جيمز نيشم 8 بالن تي 16 رنز ٺاهي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو ته پاڪستان لاءِ ميچ کٽڻ جا آثار پيدا ٿيا. شاهين پندرهين اوور جي ٻئي بال تي زڪري فوڪس کي بولڊ ڪري بيڪ ٽو بيڪ وڪيٽ ورتي پر هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. 17هين اوور جي پهرين بال تي سوڍي کي ايل بي ڊبليو ڪري چوٿون شڪار ڪيو، هن 3 رنسون ٺاهيون. آخري ٽن اوورن ۾ 34 رنز گهربل هيون. ان کان اڳ بابر صائم ايوب جي بال تي ڪيچ ڊراپ ڪيو هو. پاڪستان پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنز اسڪور ڪيون. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. صائم ايوب ٻئي اوور ۾ ئي هڪ رن ٺاهي وليم جي بال تي بريسويل هٿان ڪيچ ٿيو. عثمان خان 24 بالن تي 31 رنزز ٺاهي سوڍي جي بال تي بريسويل هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 69 رنز ٺاهي بين سيئرز جي بال تي بولڊ ٿيو. فخرالزمان شروع ۾ ڪافي سلو کيڏيو پر آخر ۾ زبردست شاٽ کيڏي هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 43 رنز ٺاهي بائونڊري نيشم جي بال تي زڪري فوڪس جي بال تي مارڪ چيپمين بال پڪڙي بائونڊري اندر اڇلي پاڻ ٻاهر ويو ۽ واپس اندر اچي ڪيچ پڪڙيو، هي يقيني طور ڇڪو هجي ها. افتخار 6 رن زٺاهي نيشم جي بال تي بريسويل هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. شاداب 5 بالن تي 15 ۽ عماد وسيم 4 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. ياد رهي ته پنج ميچز جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان سرسي حاصل آهي. گذريل ميچ ۾ نيوزيلينڊ به 178 رنز ٺاهيون هيون ۽ پاڪستان 4 رنز تان ميچ هارائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو