راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ زلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نيب راولپنڊي طرفان احتساب عدالت ۾ زلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زلفي بخاري کي عدالت اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.نيب جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته زلفي بخاري جي اسلام آباد ۾ 34 ڪنال ۽ اٽڪ ۾ 1300 ڪنال ملڪيت ضبط ڪئي وڃي.










