ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمارڪي فوڊ اينڊ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ نيب انڪوائرين ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.مڪيش ڪمار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب طرفان ڪال اپ نوٽيس اڃا تائين ناهي مليو، نوٽيس ميڊيا ذريعي سامهون آيو آهي ان ڪري خدشو آهي ته نيب کيس گرفتار نه ڪري سگهي.عدالت نيب کي مڪيش ڪمار جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ۽ سندس 12 سيپٽمبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته مڪيش ڪمار کي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي انڪوائري ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ مڪيش ڪمار نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب اختيارين کان جاچ جا تفصيل طلب ڪري ورتا.










