اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ قومي احتساب بيورو (نيب) کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف داخل ٿيل نئون توشه خانه ڪيس جي پيروي کان روڪيندي ڪيس ايف آءِ اي جي واسطيدار عدالت کي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف توشاخانا ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي ته پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل سلمان صفدر چيوته نيب ترميمن جي سپريم ڪورٽ مان بحالي بعد توشه خانو ڪيس نه نيب ۽ احتساب عدالت جي دائري مان نڪري ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته نيب ترميمن جي بحالي کانپوءِ نئون توشه خانو ريفرنس نيب جي دائري کان ٻاهر نڪري ويو آهي. نيب نئون توشاخانا ڪيس احتساب عدالت مان واپس وٺي ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ۾ 3 ڪلاڪن جو وقفو ورتو جنهن بعد نئون توشاخانا ريفرنس ايف آءِ اي جي اسپيشل جج سينٽرلجي عدالت منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.احتساب عدالت حڪم ڏنو ته نئين توشا خاني ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي لاڳاپيل عدالت فيصلو ڪندي.










