نوشهروفيروز: (ن س) سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال برقرار آهي، ڪچي جا اڪثر ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آهن، جڏهن ته فصل به تباهه ٿي چڪا آهن.رپورٽ موجب پراڻي مڃٺ جي ڪچي ۾ واقع ڳوٺ شير محمد کوسو ڏانهن ويندڙ سورا زميني رابطا به ڪاٽا ٿي چڪا آهن. پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٻوڏ متاثرين مليريا سميت مختلف وبائي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياءَ پاڻي جي ڇولين سان ڀريل آهي جنهن سبب ڪچي جا ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن. ڳوٺ جي چوڌاري پوکيل فصل به تباهه ٿي ويا. 2 هزار کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل ليمن جي فصل ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. هارين سنڌ حڪومت کان امدادي پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.گهوٽڪي ۾ به ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو اڃان تائين ڪاٽا آهي. ٻوڏ سبب متاثر علائقن کان شهر طرف ايندڙ واحد ذريعو ٻيڙي آهي ٻوڏ جي پاڻي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ جي پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ لڳي آهي پر قادر پور راونتي ۽ آندل سندراڻي جي ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي.نوابشاهه ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي. ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ريسڪيو موجب ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي.










