لاهور (ويب ڊيسڪ)ملڪه ترنم نورجهان جو مڙس ۽ نامور اداڪار اعجاز دراني وفات ڪري ويو. پاڪستاني فلمن ۾ 1970 جو رومانوي هيرو اعجاز دراني مقبول فلم هير رانجها ۾ هيرو يعني رانجها جو ڪردار ادا ڪيو هو. هو گجرات ۾ ڄائو ۽ بعد ۾ لاهور منتقل ٿيو. 1956 ۾ اداڪاري شروع ڪئي ۽ زندگي جو ڳڄ حصو فلم انڊسٽري ارپي ڇڏيو هو.

هن جي پهرين فلم حميده هئي، هن 150 کان مٿي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس زندگي جي مشهور فلمن ۾ ڊاڪو ڪي لڙڪي، گلبدن، عزت، وطن، فرشتا، شهيد، بدنام، دوشيزه، سرحد سميت ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. اعجاز دراني جي نورجهان سان سادي 10 سال هلي ۽ بعد ۾ طلاق ٿي وئي هئي. هن کي 3 نياڻيون ٿيون. بعد ۾ دراني اداڪارا فردوس بيگم سان شادي ڪئي جيڪا پڻ گهڻو وقت نه هليس، هن 3 شاديون ڪيون. ڪافي عرصي کان هو بيمار هو ۽ اسپتال ۾ به داخل هو جتان ڪجهه وقت اڳ گهر منتقل ٿيو جتي پهرين مارچ تي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.










