نواز جو بلوچستان جو دورو، اهم شخصيتن جي شموليت جو امڪان

نواز جو بلوچستان جو دورو، اهم شخصيتن جي شموليت جو امڪان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشرف اڱاري تي بلوچستان جي دوري لاءِ ڪوئٽه پهچندو. (ن) ليگ ذريعن موجب نوازشريف اڱاري تي بلوچستان جي دوري تي ڪوٽئه ويندو. نوازشريف دوري دوران بلوچستان ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز به نوازشريف سان گڏ بلوچستان ويندا. نوازشريف سان ملاقات کان پوءِ بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ(ن) ليگ ۾ شامل ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو