نوابشاهه: پوليس مقابلو، ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، 2 فرار

نوابشاهه: پوليس مقابلو، ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، 2 فرار

نوابشاهه: (ن س) پوليس جو گشت دوران ڌاڙيلن سان مبينا مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا.ذريعن موجب، پوليس گرفتار ڌاڙيل کان زخمي حالت ۾ هٿيار هٿ ڪيا، جڏهن ته فرار ٿيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڌاڙيلن خلاف ضلعي ۾ درجنين ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، فرار ٿيل ڌاڙيلن کي به جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو