ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه جناح اسپتال ۾ 120 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف سائڪياٽري اينڊ بيهويورل سائنسز ، 110 بسترن تي مشتمل ڊپارٽمينٽ آف نيورولوجي، اسٽروڪ يونٽ ۽ جديد ترين سائبر نائف جو افتتاح ڪيو، جنهن تي پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، علاج جون اهي سهولتون پوري پاڪستاني قوم کي مفت ۾ فراهم ڪيون وينديون، سنڌ جي اسپتالن نه رڳو سنڌ جي ماڻهن جو نه پر سموري پاڪستان جي عوام جو مفت علاج ٿئي ٿو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سائبر نائف سان ڪينسر جي علاج تي گهٽ ۾ گهٽ خرچ آمريڪا ۾ 2 ڪروڙ 21 لک ، جرمني ۾ هڪ ڪروڙ 94 لک، جاپان ۾ هڪ ڪروڙ 66 لک، ڪئناڊا ۾ 1 ڪروڙ 38 لک، ڪينيڊا ۾ 1 ڪروڙ رپيا آهي. برطانيه ۾ 1 ڪروڙ 66 لک، فرانس ۾ 1 ڪروڙ 52 لک، آسٽريليا ۾ 1 ڪروڙ 94 لک، سوئٽزرلينڊ ۾ 2 ڪروڙ 21 لک، نيڌر لينڊ ۾ 1 ڪروڙ 80 لک، سوئيڊن ۾ 1 ڪروڙ 66 لک رپيا خرچ اچي ٿو جڏهن ته پاڪستان ۾ اها سهولت سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ مفت ڪئي پئي وڃي، سموري پاڪستان جا ماڻهو سنڌ جي اسپتالن مان فائدو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته سائبر نائف سان صحتياب ٿيندڙ 31 سيڪڙو مريضن جو تعلق پنجاب سان آهي. سنڌ جي اسپتالن ۾ نه رڳو سڄي ملڪ مان پر ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو علاج ڪرائڻ لاءِ اچن ٿا، سنڌ ۾ 15 ملڪن مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا، اسان ڪنهن جو به ڪارڊ يا پاسپورٽ ڏسي علاج نه ڪندا آهيون، اسان لاءِ عوام جي زندگي ۽ صحت اولين ترجيح آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چيو آهي ته اسان پنجاب ۾ به صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ هن ڀيري به تمام گهڻي برسات ٿيي آهي، ڪراچي شهر ۾ ڪو به وڏو اسپيل نه آيو آهي، سکر ۾ 283 ملي ميٽر، نوشهروفيروز ۾ 126 ملي ميٽر ۽ ميرپورخاص ۾ 111 ملي ميٽر برسات پئي آهي، برساتن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڀرپور حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هن وقت برسات سبب متاثر ٿيندڙ ضلعن جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڻي جي نيڪال لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن، پي ڊي ايم اي امڪاني نقصان کي نظر ۾ رکندي پيشگي ڪم ڪري ڇڏيو آهي، پريشاني جي ڪا ڳالهه نه آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سندس سموري ٽيم ۽ عوامي ۽ مڪاني ادارن جا نمائندا پوري طرح سان متحرڪ آهن. برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊي واٽرنگ ذريعي پاڻي ڪڍيو پيو وڃي ۽ صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي، جن شهرن ۾ برساتون ٿيون انهن مان پاڻي مڪمل طور ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ پاران گهر ويٺي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ بائيو ميٽرڪ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن جي فيس ڏهه هزار رپيا هوندي. گاڏين جي منتقلي پڻ گهر ويٺي آن لائن ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت سموري شين کي آن لائن ڪرڻ وڃي پئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا گذريل تقريب ۾ صرف چئن ڪلاڪن ۾ 67 ڪروڙ رپيا جمع ڪيا ويا هئا. اهڙو ايونٽ ٻيهر سيپٽمبر ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مخير حضرات ٻولي ذريعي پريميئم نمبر پليٽس حاصل ڪندا، هن فنڊ ريزنگ تقريب مان گڏ ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ عطيو ڪيو ويندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به نيگيٽو سياست نه ٿي ڪري، مريم نواز جي تقرير ٻڌي افسوس ٿيو، بجلي جي قيمتون وزيراعظم وڌايون آهن. ننڍي ڀاءُ بجلي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن جڏهن ته وڏي ڀاءُ پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪري ڇڏيا آهن. سياست مان به ڪري سگهان ٿو، ليڊر جو ويزن 2 مهينن تائين بجلي سستي ڪرڻ نه هوندو، عوام کي مستقل رليف ڏنو وڃي 2 مهينا رليف ڏيڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ منصوبابندي نه صرف 2 مهينن لاءِ پر ڊگهي مدت جي هجڻ گهرجي. هن چيو ته قيادت ڊگهي مدي وارا منصوبا ٺاهيندي آهي، ويزنري قيادت پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ توانائي جي بحران جو خدشو هو، هن سستي بجلي لاءِ ٿر ڪول منصوبي جو تصور ڏنو جنهن کي صدر آصف علي زرداري عملي تعبير ڏني. سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٿر ڪول منصوبي کي فعال ڪري ڇڏيو. اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ، ديول ڪيريج وي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بجلي نه رڳو پنجاب پر پوري پاڪستان جي سستي ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ملڪ کي سستي بجلي ٿر ڪول مان فراهم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت نه رڳو پنهنجي صوبي لاءِ پر سڄي پاڪستان لاءِ بجلي مهيا ڪري رهي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي تقرير جي جواب ۾ منطق موجب ڳالهائيندا سين طعنو نه ڏيندا سين. هن چيو ته پوري پاڪستان جي صحافين کي ٿرپارڪر جو دورو ڪرئيندا سين، معاشي ۽ توانائي ماهرن جو خيال آهي ته ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان سستي بجلي ملندي، ٿر ڪول مان بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي، هاڻي وفاقي حڪومت ان نتيجي تي پهتي آهي ته وڌيڪ بجلي ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان ٺاهي ويندي. توهان ٿرپارڪر جو ڪوئلو ٻه سئو سالن تائين ايڪسپورٽ ڪري سگهو ٿا، اسان کي پروٽوڪول جا طعنا ڏنا پيا وڃن، پاڪستان پيپلز پارٽي صرف محدود ۽ اشتهارن تائين سوچ نه ٿي رکي، سنڌ ۾ جيڪا سهولت آهي اها سڄي پاڪستان لاءِ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پوري پاڪستان جو سوچي ٿي، هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي هميشه قومي سوچ رکي آهي. اسان وفاقي حڪومت سان غير مشروط حمايت ڪئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿيندو پيو وڃي. اسان وفاقي حڪومت جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي.هڪ سول تي هن چيو ته ثاقب نثار به سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. پي ٽي آءِ جي باني جا سهولتڪار ثاقب نثار ۽ ٻيا به ٿي سگهن ٿا جيڪي انڪوائري کانپوءِ واضح ٿي ويندا. ثاقب نثار کي پاڪستان اچڻ گهرجي ۽ هن کي پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن. ثاقب نثار ڊيم جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا، ڄاٽن جي چڪر ۾ دوائن جون ڪمپنيون بند ڪرايون، ثاقب نثار عمران خان کي کٽرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پيپلز پارٽي جي نظر ۾ آئين ۽ عدالتون مقدس آهن، ثاقب نثار پنهنجي اهڙي عمل سان ملڪ جي اعليٰ منصب جي توهين ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري وفاق کان بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي لاءِ چيو هو، پر نه رڳو ٻن مهينن لاءِ هڪ صوبي کي رليف ڏيڻ جو چيو هو. اسان عمل ڪندا آهيون پر رڳو اعلان نه ڪندا آهيون، اسان پهريان ڪم ڪندا آهيون ۽ بعد ۾ اعلان ڪندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سيد مراد علي شاهه پنهنجون ذميواريون سٺي نموني سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪابينا ٺاهڻ وڏي وزير جو اختيار آهي، ڪابينه ۾ جڏهن تبديلي ٿيڻي هوندي ته وڏو وزير سنڌ جي قيادت جي مرضي موجب ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت منشيات خلاف جهاد ڪري رهي آهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به ٽيسٽون ڪرايون وينديون، منشيات خلاف ڪارروائي وڌيڪ سخت ٿيندي ۽ ان جهاد ۾ صدر آصف علي زرداري، وفاقي حڪومت، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سڀ هڪ ئي پيج تي آهن. جيڪڏهن شڪايت ملي ته ڪنهن گهر ۾ دعوتن وغيره ۾ منشيات جو استعمال ٿي رهيو آهي ته اتي به حڪومت سخت ڪارروائي ڪندي ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










