فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيوقوفي پکيڙيندڙن جو احتساب ڪيو ويندو، ننڍا صوبا ضرور ٺهندا.فيصل آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته صوبا ٺاهڻ سان انتظامي ڪنٽرول مضبوط ٿيندو.هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٽي صوبا ٺاهڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو، ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ به ٽي صوبا ٺاهي سگهجن ٿا.










