اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اٽلي پهچي ويو، پنهنجي دوري دوران گهرو وزير محسن نقوي ٽن ملڪن، اٽلي، يونان ۽ اسپين جي گهرو وزيرن سان ملاقات ڪندو. اٽلي، يونان ۽ اسپين جا گهرو وزير پاڪستاني گهرو وزارت جي غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ جي ڪوششن جو اعتراف ڪندا.پنجاب پوليس آفيسر گهرو وزيرن کي پنجاب حڪومت جي پوليس خدمت مرڪز گلوبل بابت بريفنگ ڏيندو، جنهن کي سڄي يورپ ۾ ساراهيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ٻين اهم معاملن تي به تفصيل سان بحث ڪيو ويندو.










