ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حادثو ڪٿي به ٿي سگهي ٿو، نشي جا عادي ماڻهو شهر جي لاءِ وڏو چيلينج بڻجي چڪا آهن.
ڪلفٽن ۾ نجي سپر اسٽور ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته امدادي سرگرمين جي نگراني ڪئي پئي وڃي، سمورا لاڳاپيل ادارا موقعي تي موجود آهن ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن. ڪنٽونمينٽ بورڊ جا نمائندا به اتي موجود آهن. هن چيو ته باهه لڳڻ کان پوءِ وقت تي ڪارروائي ڪندي عملو فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي جڏهن ته عمارت ۾ موجود 24 مان 25 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. باهه لڳڻ وقت انتظاميه جا ماڻهو به عمارت ۾ موجود هئا جن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي.
ميئر ڪراچي وڌيڪ ٻڌايو ته واٽر بائوذر، فائر ٽينڊرز ۽ ريسڪيو 1122 جو عملو به واقعي واري هنڌ موجود آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي طبي امداد جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي رستا به ٺاهيا ويا آهن ته جيئن جڳهه کي جلد ڪليئر ڪرائي سگهجي، انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته هن وقت عمارت ۾ انهي جو ڪوبه ملازم موجود نه آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو علائقو ڪنٽونمينٽ بورڊ جي انتظام هيٺ اچي ٿو هتي فائر سيفٽي آڊٽ به ڪيو ويو هو پر پوءِ به واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ مختلف مرحلن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته ريسڪيو جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ اوليت آهي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.










