نديم بيگ پاران چڙيلز تي تنقيد، مهوش ۽ همايون جي تعريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)فلم ساز ۽ هدايت ڪار نديم بيگ مبهم انداز ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ ريليز ٿيل پاڪساني ويب سيريز ”چڙيلز“ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ويب سيريز ۾ تشدد ۽ وحشيت ڏيکارڻ غير ضروري هو. ڊان آئيڪون سان ڳالهائيندي نديم بيگ جو چوڻ هو ته جنهن طرح سان ويب سيريز چڙيلز جو ڪلائمڪس ڏيکاريو ويو اهو سندس جي نظر ۾ ٺيڪ نه هو، هن چڙيلز ۾ تشدد، غير مناسب روين، ڪردار جي وحشيت، شراب پيئڻ ۽ بولڊ منظر ڏيکارڻ کي غير اهم قرار ڏيندي چيو ته ان مان ايئن محسوس ٿيو ته چڙيلز هڪ ٿرلر ايڪشن فلم آهي. نديم بيگ چيو ته چڙيلز ۾ نشي واريون شيون استعمال ڪرڻ، بولڊ منظر ۽ تشدد کي ڏيکارڻ ائين آهي جيئن ڪنهن به سنجيده فلم ۾ 4 آئٽم گانا شامل ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته سندس جي خيال ۾ چڙيلز ۾ اهو سڀڪجهه ڏيکارڻ اهم نه هو، اهڙن منظرن کي ڏيکارڻ سان ويب سيريز پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي. چڙيلز کي هلندڙ سال جي 11 آگسٽ تي ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائٽ زي فائيو تي ڏيکاريو ويو ۽ هلندڙ سال جي آڪٽوبر جي شروع ۾ ان کي پاڪستان ۾ بند ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ان کي 9 آڪٽوبر تي ٻيهر پاڪستان ۾ شروع ڪيو ويو. چڙيلز جي ڪهاڻي مڙسن جي بيوفائي کانپوءِ جاسوس بڻجندڙ چار عورتن جي ڀرپاسي ۾ گهمي ٿي، ان سيريز ۾ اهي پاڻ جهڙيون ٻين عورتن جون حياتيون بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهندي نظر اچي رهيون آهن. ويب سيريز ۾ چارئي عورتن کي گهريلو زندگي ڇڏي ڌوکو ڏيندڙ مڙسن کي بي نقاب ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ويب سيريز ۾ ثروت گيلاني جو ڪردار ساره جي روپ ۾، ياسره رضوي جو ڪردار جگنو جي روپ ۾، نمرا بُچا جو ڪردار  بتول ۽ مهربانو جو ڪردار زبيده جي روپ ۾ ادا ڪيو آهي. فلم ساز نديم بيگ چڙيلز جي ڪلائمڪس تي اعتراض ڪرڻ سميت ٻين مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهو به واضح ڪيو ته هو همايون سعيد ۽ مهوش حيات سان گڏ ڇو ڪم ڪرڻ پسند ڪري ٿو؟ نديم بيگ همايون سعيد کي هر ڀيري ڪاسٽ ڪرڻ واري سوال تي ٻڌايو ته جيڪڏهن هو انهن کي ڪاسٽ نه ڪندو ته ٻيو ڪنهن کي ڪندو؟نديم بيگ همايون سعيد جي تعريف ڪندي کيس سڀ کان بهترين اداڪار قرار ڏنو ۽ اهو به ٻڌايو ته کيس مهوش حيات به سٺي لڳندي آهي ۽ هو ان جي ڪم مان گهڻو متاثر آهي. نديم بيگ ٻڌايو ته مهوش حيات هر ڀيري پنهنجي شاندار پرفارمنس تي کيس حيران ڪندي آهي ۽ اها هن جي اميدن کان وڌيڪ اداڪاري ڪندي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فهد مصطفى به بهترين اداڪار آهي. خليل الرحمان جي لکيل ڊرامي جي باري ۾ نديم بيگ جو چوڻ هو ته سندس جو خليل الرحمان قمر جي ذاتي خيالن سان ڪو به فرق نه پوندو. نديم بيگ ميري پاس تم هو ڊرامو جاري ڪرڻ وقت خليل الرحمان قمر طرفان عورتن خلاف ڏنل بيانن کي ذاتي قرار ڏنو ۽ چيو ته جيتوڻيڪ ان کي ڊراما لکندڙ جي بيان سان پريشاني ٿي آهي پر تنهن هوندي به کيس ان جي ذاتي خيالن سان ڪو به فرق نه ٿو پوي هو ان سان گڏ ان جي اسڪرپٽ جي بنياد تي ڪم ڪندو رهندو. نديم بيگم انڪشاف ڪيو ته هو هڪ نئين فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال جي آخر تائين هو ڄاڻايل فلم جي شوٽنگ شروع ڪري ڏيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال جي بهار واري موسم تائين حالتون نارمل ٿي وينديون ۽ سينيمائن جون رونقون بحال ٿي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو