نتاشا ذهني مريض آهي، علاج هلندڙ، ضمانت جي درخواست داخل

نتاشا ذهني مريض آهي، علاج هلندڙ، ضمانت جي درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار عورت نتاشا پاران عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جوابدار عورت نتاشا عامر منصوب قريشي ۽ عمر گورا جي ذريعي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي،عامر منصوب ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته نتاشا ذهني مريض آهي، 2004 کان سندس علاج هلندڙ آهي،هن چيو ته نتاشا خلاف جيڪي قلم ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن ان جي سزا ديت آهي، نتاشا جي ضمانت منظور ڪئي وڃي،وڪيلن عدالتن ۾ درخواست سان گڏ آغا خان اسپتال جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ رڪارڊ به جمع ڪرايو

پهنجو تبصرو موڪليو